صبيحه خانم

صبيحه خانم

صبيحه خانم

صبيحه خانم: مشهور فلمي اداڪاره صبيحه خانم گجرات ۾ پيدا ٿي. هن جي والد جو نالو محمد علي هو، جنهن جا ماهيا تمام گهڻا مشهور ٿيا. سندس والده بالو به پنهنجي وقت جي سٺي اداڪاره هئي. قيام پاڪستان کانپوءِ هيءَ اسٽيج ۽ فلمي دنيا ۾ شامل ٿي وئي ۽ پهرين صف جي هيروئن بڻجي وئي. هن جي پهرين فلم ‘بيلي’ هئي، جيڪا ناڪام رهي. اُها فلم 1950ع ۾ رليز ٿي هئي. سندس پهرين ڪامياب فلم ‘دو آنسو’ هئي، جيڪا انور ڪمال پاشا ڊائريڪٽ ڪئي هئي. هيءَ فلم 1951ع ۾ رليز ٿي ۽ هن ڀارت جي اعلى فلمن جو مقابلو ڪيو. صبيحه خان ۽ سنتوش ڪمار جي جوڙي پنهنجي دور جي مقبول جوڙي هئي. هنن پاڻ ۾ شادي به ڪئي. هن اردو ۽ پنجابي ٻنهي زبانن جي فلمن ۾ ڪم ڪيو. هن کي 1957ع ۾ فلم ’سات لاک‘ ۽ 1963ع ۾ فلم ’شڪوه‘ ۾ بهترين اداڪاري جا نگار اوارڊ مليا. سندس سلور جوبلي، گولڊن جوبلي، پلاٽينيم جوبلي ۽ ڊائمنڊ جوبلي فلمن جي فهرست به تمام وسيع آهي. سندس مشهور فلمن ۾: ‘دو آنسو’، ‘غلام’، ‘قاتل’، ‘گمنام’، ‘سرفروش’، ‘سلطنت’، ‘سردار’، ‘حميده’، ‘چوٿي بيگم’، ‘حاتم’، ‘آس پاس’، ‘داتا’، ‘عشق ليلى’، ‘مکڙا‘، ‘سات لاک’، ‘حسرت’، ‘تيري صورت’، ‘ميري آنکين’، ‘تهذيب’، ‘قسمت’، ‘ايڪ گناهه اور سهي’، ‘اناڙي’، ‘پهچان’، ‘حيدر علي’ ۽ ‘دشمن ڪي تلاش’ وغيره قابل ذڪر آهن.


لفظ صبيحه خانمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو